راشده علي پروفيسر

راشده علي، پروفيسر: نامياري سائنسدان، ليکڪا، راشده علي 13 فيبروري 1938ع تي جنم ورتو. هن 1984ع ۾ پروٽين ڪيمسٽريءَ جي عنوان تحت پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ان کانسواءِ اينٽي نيوٽريشنس اِن فوڊ بابت هالينڊ مان سکيا ورتائين. ڊاڪٽر راشده جن سائنسي تنظيمن جي ميمبر رهي، انهن ۾ Institute Of Food Technology ‘Ift’), (International Union Of Food Scientist And Technologist ‘Iufost’), (Pakistan Chemical Society) قابلِ ذڪر آهن. 1962ع ڌاري ڪامن ويلٿ سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل آرگنائيزيشن ميل بورن، آسٽريليا ۾ ريسرچ ڪيمسٽ طور ڪم ڪيائين. 62-1961ع ڌاري ميلبورن آسٽريليا ۾ بيروت جي ڪمپنيءَ ۾ فوڊ ٽيڪنالاجسٽ طور ڪم ڪيائين. ان کانسواءِ فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ تي ٿيندڙ ملڪي ۽ بين الاقوامي ويهارو کن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري اتي پنهنجا تحقيقي مقالا پڻ بيان ڪري چڪي آهي. 1963ع ڌاري زرعي پيداوارن جي چڪاس لاءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪوالٽي ڪنٽرول ليبارٽري قائم ڪرائڻ ۾ سندس ڪوششون شامل آهن. 1968ع کان 1972ع تائين ڪراچي جي ڪاليج آف هوم اڪانامڪس ۾ بايو ڪيمسٽري ۽ نيوٽريشن جا مضمون پڙهايائين. 1972ع کان 1976ع تائين لبيا جي سائنس ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ آرگينڪ ڪيمسٽري چئن سالن تائين پڙهايائين. پاڪستان انٽليڪچيول فورم طرفان 1992ع ڌاري کيس گولڊ ميڊل مليو. 1988ع ڌاري ’ڊاڪٽر عبدالسلام‘ ايسوسيئيٽ فيلوشپ اوارڊ ڏنو ويو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 1993ع ڌاري فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جو شعبو قائم ڪيو. انگلنڊ ۾ ڇپيل 8 جلدن تي مشتمل انسائيڪلوپيڊيا آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي روِيُو بورڊ جي ميمبر پڻ ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ’فوڊ اينڊ سائنس‘ رسالي جي معاون ايڊيٽر پڻ ٿي رهي. هن جا 80 کن تحقيقي مقالا ملڪي ۽ بين الاقوامي جنرلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هيءَ بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي نيوٽريشن اينڊ فوڊ ٽيڪنالاجيءَ جي هيڊ پڻ رهي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.13  عيسوي

نامياري سائنسدان، ليکڪا، راشده علي 13 فيبروري 1938ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند هدايت الله مشتاق هالائي
بچل شاهه (بزرگ)
رئيس امام بخش
ايس پي گپتا
انور وسطڙو ( راڳي)
راس مسعود حسين
سيد علي
آفتاب غلام نبي قاضي
آري
چارلس نيپئر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون